Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:23 - Muslim Sindhi Bible

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن ڳچ جيترا ڏينهن گذري ويا، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ هن کي ماري وجهون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.


پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي ايمان وارن جي خلاف ڪيائون.


اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي.


اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“


پر سائول جي تبليغ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ايمان وارن جي خطرن ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ