Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هوڏانهن سائول اڃا تائين خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پر شائول اڃا بہ خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي خيال ۾ ٻڏل هو. سو سردار ڪاهن وٽ ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 شائول خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائيندو ۽ کين قتل ڪرڻ جا دڙڪا ڏيندو رھيو. ھو وڏي سردار ڪاھن وٽ ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم.


اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.


مذهبي غيرت جي لحاظ کان آءٌ ڪليسيا جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن شرعي طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ