Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 شھر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا ھئا ۽ انھيءَ ماڻھوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو


منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


اهو ٻڌي نينواہ جي ماڻهن خدا تي يقين ڪيو. هنن توبهہ ڪندي هڪڙي روزي رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀني ماڻهن کٿو ڍڪيو.


جڏهن ماڻهن پولس جو هي ڪم ڏٺو تہ پنهنجي لوڪئنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي صورت ۾ ديوتا اسان وٽ لهي آيا آهن.“


اهي هن انتظار ۾ هئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انهن جڏهن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ هنن پنهنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”هي تہ ڪو ديوتا آهي.“


پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين ايترا تہ ڏاها آهيو جو بي‌وقوفن کي بہ خوشيءَ سان برداشت ڪريو ٿا.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ