Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر خدا هن ساڻ هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر ايشور هن ساڻ هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو پنهنجي مصري مالڪ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ خداوند يوسف سان هو تنهنڪري هو خوشحال ٿيندو ويو.


جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري منهنجي ويجھا اچو.“ جڏهن هو ويجھا آيس تڏهن چيائين تہ ”آءٌ اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان جنهن کي اوهان وڪڻي مصر ۾ پهچائي ڇڏيو.


هن انهيءَ کان اڳ يعقوب جي پٽ يوسف کي مصر موڪليو، جيڪو اتي غلاميءَ ۾ وڪاڻو هو.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


مگر اي زربابل! اي سردار ڪاهن يشوع! ۽ اي ملڪ جا سڀ رهاڪؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين دلجاءِ ڪري ڪم ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ قادرِمطلق اوهان سان گڏ آهيان.


اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“


محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ