Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند ڏٺو تہ لياہ کي پيار نہ ٿو ملي تڏهن هن کيس اولاد جي قابل بڻايو، پر راخل سنڍ رهجي ويئي.


بلهاہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ ڄائو.


پوءِ هو بيت‌ايل مان روانا ٿيا ۽ اِفرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.


جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي تڏهن پٽ جو نالو بن‌اوني رکيائين، جنهن بعد هن دم ڏنو. پر يعقوب انهيءَ جو نالو بنيامين رکيو.


ابراهيم جي پٽ اسحاق کي هي پٽ هئا: عيسو ۽ يعقوب.


ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


ڏسو، موسيٰ اوهان کي طهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو طهر ڪرائيندا آهيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي.


ابراهيم جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس طهر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابراهيم جي طهر ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها.


سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ عظيم هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابراهيم بہ کيس ڏهون حصو ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ