Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:53 - Muslim Sindhi Bible

53 اوهين اهي آهيو جن کي ملائڪن جي معرفت شريعت ملي، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 اوهين اُهي آهيو، جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوهان انهي تي عمل نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

53 اوهين اهي آهيو جن کي دوتن جي معرفت نيم مليو، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

53 اوھين اھي آھيو جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوھان ان تي عمل نہ ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:53
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.


ڇا موسيٰ اوهان کي شريعت نہ ڏني هئي؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ شريعت انهيءَ لاءِ ڏني ويئي تہ جيئن خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. شريعت جو مدو ابراهيم جي انهيءَ نسل جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ خدا واعدو ڪيو هو. اها شريعت ملائڪن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي.


طهر ڪرائڻ وارا تہ پاڻ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


ڏسو، شريعت جو جيڪو پيغام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ