Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:51 - Muslim Sindhi Bible

51 استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51 استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:51
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجا ڳاٽ اوچا رکيائون، جهڙا سندن ابن ڏاڏن جا هئا جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو هو.


هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


پر اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ ۽ هٺ کان ڪم ورتو، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


هائو، اوهين آسمان ڏانهن پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو، اوهين ڪڏهن بہ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.‘“


پوءِ هو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ضدي ۽ فسادي نہ ٿيندا، يعني اهڙا ماڻهو جن جون دليون ڏنگيون هيون، ۽ جيڪي پنهنجي خدا سان وفادار نہ هئا.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي.


انهيءَ لاءِ تہ ان آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ اوهين داخل ٿي سگھو. پر آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇاڪاڻ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي رستي ۾ ئي ناس ڪري ڇڏيان.“


ان جو سبب هي هو تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو بہ اوهان سان گڏ هلندس تہ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو سينگار لاهي ڇڏيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اوهان سان ڇا ڪريان.‘“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون.


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


اهي گستاخ ۽ ضدي آهن. پر مون خداوند خدا تو کي انهيءَ لاءِ چونڊيو آهي تہ تون وڃي انهن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“


تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،


ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي.


پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟


اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو.


سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر خدا هن ساڻ هو


طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


تنهنڪري اوهين پنهنجي دلين تان پردو هٽائي ڇڏيو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هنن جي بغاوت ۽ هٺ جي خبر آهي. ڏسو، اڄ تائين جڏهن تہ آءٌ هنن سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ هنن خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. سو منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’مون هن قوم کي ڏٺو آهي، سچ پچ تہ هيءَ هڪ ضدي قوم آهي.


تنهنڪري ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي اوهان جي سچائيءَ جي ڪري اهو چڱو ملڪ نہ ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ هڪ ضدي قوم آهيو.


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ