Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:46 - Muslim Sindhi Bible

46 دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 دائود ايشور وٽ قبول پيو هو ۽ هن وينتي ڪئي هئس تہ يعقوب جي ايشور لاءِ کيس گھر اڏڻ جي آگيا ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 دائود خدا وٽ قبول پيو ھو ۽ ھن عرض ڪيو ھو تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:46
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.


انهيءَ سبب جو تو سچائيءَ سان دائود سان قسم کنيو هو، جنهن کان تون ڪڏهن نہ ڦرندين تہ ”تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان ئي هڪ کي تخت عطا ڪندس.


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ