Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:44 - Muslim Sindhi Bible

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ ايشور سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن ايشور موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:44
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هيڪل جي ورانڊي، تعميراتن، گودامن، بالاخانن، اندرين ڪوٺين ۽ مقدس ترين جاءِ جو نقشو ڏنو.


دائود چيو تہ ”اهي سڀيئي ڳالهيون يعني انهيءَ نموني جا ڪم خداوند جي طرفان جيئن مون کي سمجھايا ويا آهن تن جي لکت آءٌ تو کي ڏيان ٿو.“


تڏهن بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏائي چيو تہ ”تو لاوين تي زور ڇو نہ رکيو تہ هو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان اهو ڏنُ وصول ڪري اچن، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي لاءِ سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو؟“


ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“


خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.


تون اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺهرائج. تون اها اهڙيءَ طرح ٺهرائج جهڙيءَ طرح تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.


مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو.


بني اسرائيل جي مصر ڇڏڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ تي مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن تان ڪڪر مٿي کڄي ويو.


جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن.


جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو.


اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


سو جڏهن ماڻهو اردن درياءَ جي پار وڃڻ لاءِ منزل کڻي نڪتا تہ ڪاهن عهد واري صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ