Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر جنهن پاڙيسريءَ تي ظلم پئي ڪيو، تنهن پري ڌڪي چيس تہ توکي اسان جي مٿان حاڪم ۽ قاضي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو مون تي وڏي مهرباني ڪئي آهي جو منهنجي جان بچائي اٿيئي. پر جبل گھڻو پري آهن سو متان اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفت مون تي اچي پوي ۽ آءٌ مري وڃان.


هن چيس تہ ”ڪنهن تو کي اسان جي مٿان حاڪم يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟“ اهو ٻڌي موسيٰ ڊڄي ويو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي چڪي آهي.“


عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


جڏهن ڪائونسل جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو.


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ