Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:16 - Muslim Sindhi Bible

16 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اُنهن کي کڻي وڃي شڪم ۾ اُنهي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان رپيا ڏيئي خريد ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابرهام شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 انھن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انھيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراھيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان پيسن سان خريد ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم عِفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ اوتري چاندي توري کيس ڏنائين، يعني چانديءَ جي چار سؤ سڪن برابر، جيڪي واپارين ۾ چالو هئا.


”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“


سو راخل مري ويئي ۽ کيس اِفرات يعني بيت‌لحم جي دڳ تي دفن ڪيو ويو.


پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“


سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو.


هو سندس لاش کي ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا. هنن کيس ممري جي اوڀر ۾ مڪفيلاہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيو، جيڪا ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪئي هئي.


موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا، ڇاڪاڻ تہ يوسف بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ ”خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.“


يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ