Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جماعت انهن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر.


بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجا هٿ لاوين جي مٿي تي رکن.


هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“


پوءِ انهن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ


سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ لڳا.


پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.


۽ رويا ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“


سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“


نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.


جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.


انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود خدا جي انهيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.


هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا برڪت گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت بابت تعليم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ