Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:38 - Muslim Sindhi Bible

38 سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 هاڻي آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هنن ماڻهن کان پاسو ڪريو ۽ ڇڏي ڏيون: ڇالاءِ تہ جي هيءَ تجويز ۽ هيءُ ڪم ماڻهن جو هوندو تہ پاڻهي برباد ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 سو ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ ھنن ماڻھن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻھن جو ٺھيل ھوندو تہ اھو پاڻھي ختم ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسان جي دشمنن ٻڌو تہ اسان کي سندن سازش جو پتو پئجي ويو آهي، تڏهن سمجھيائون تہ خدا سندن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح اسين سڀ وري پنهنجي پنهنجي ڪم تي لڳي وياسين.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.


مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“


جيڪڏهن اسين هن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ هر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حڪمران اسان تي قدم کڻندا. پوءِ هو اسان جي هيڪل ۽ سڄي قوم کي تباهہ ڪري ڇڏيندا.“


پوءِ هن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو.


ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ