Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:29 - Muslim Sindhi Bible

29 پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ لازمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا مرد کي چيو تہ ”تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي اهو ميوو کاڌو، جنهن جي نہ کائڻ لاءِ مون تو کي چيو هو. جيڪي ڪجھہ تو ڪيو آهي انهيءَ سببان زمين لعنت هيٺ رهندي. تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين.


تنهن هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سالارن کي مڃڻي پيئي. سو اهي سندس حضور مان نڪري بني اسرائيل جي قوم جو شمار ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.


اورياہ ڪاهن ائين ئي ڪيو جيئن بادشاهہ آخز کيس حڪم ڏنو هو.


پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون.


تڏهن يرمياہ سڀني عملدارن ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”خداوند پاڻ مون کي موڪليو آهي تہ هن هيڪل ۽ هن شهر جي خلاف اهي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌايان جيڪي اوهان هاڻ ٻڌيون.


تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو.


تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون برابر گناهہ ڪيو آهي. مون خداوند جي حڪم ۽ توهان جي هدايتن جي نافرماني ڪئي آهي، ڇو تہ آءٌ ماڻهن کان ڊنس پئي ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ