Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي رسولن کي وٺي آيو. سپاهين رسولن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“


پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“


پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو.


انهيءَ گھڙي ئي شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يحيٰ نبي هو.“


جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ عيسيٰ کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.


سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري.


تنهن تي ڪائونسل وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب خدا جي واکاڻ ڪري رهيا هئا.


جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين.


پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اهي ڪائونسل ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ


جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.


ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم پيا ڏين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ