Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 رسولن جا معجزا ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو،


ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.


هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“


پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان،


جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ڏني ويئي.


ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ