Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:34 - Muslim Sindhi Bible

34 ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ منجهانئن ڪنهن کي بہ ڪمي ڪونہ هئي؛ هن ڪري جو جن ڪن کي زمين ۽ گهر هئا، سي سڀ وڪڻي انهن جي قيمت جا پيسا کڻي ايندا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:34
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.


عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“


اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو.


انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي رسولن جي قدمن ۾ رکيا.


هن وقت جيڪا اوهان وٽ گھڻائي آهي تنهن سان اوهين هنن جي گھرج پوري ڪريو ۽ جڏهن هنن وٽ گھڻائي ٿئي تہ اهي اوهان جي ڪمي پوري ڪندا. اهڙيءَ طرح هڪجهڙائي ٿي ويندي،


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.


انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ