Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ڌرتيءَ جا بادشاهہ اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي خداوند ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 زمين جا بادشاهہ سهي سنبري آيا، ۽ حاڪم اچي گڏ ٿيا، ۽ خداوند جو ۽ سندس مسيح جو مقابلو ڪرڻ لڳا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا، حاڪم اچي گڏ ٿيا ۽ خداوند ۽ سندس مسيح سان مقابلو ڪرڻ لڳا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟


خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


پر آءٌ خداوند واعدو ٿو ڪريان تہ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو،


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ