Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:24 - Muslim Sindhi Bible

24 جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو خالق آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀيئي قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


بيشڪ اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ٿو ڳايان، اي خداوند! آءٌ تنهنجي ساراهہ ٿو ڪريان. تون ئي تہ آهين، جيڪو مظلومن جي جان بدڪارن جي هٿان ڇڏائين ٿو.


”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري


جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ