سنتن جا ڪم 4:19 - Muslim Sindhi Bible19 پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible19 پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ ايشور جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا ايشور جو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament19 پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي آڏو ڪھڙو جائز آھي، اوھان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو حڪم مڃڻ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربانگاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربانگاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربانگاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“