Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ هو.“


ٿوري دير کان پوءِ اتي بيٺلن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون عيسيٰ جي ساٿين مان هڪڙو آهين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڳالهائڻ مان ئي لڳي ٿو تہ تون بہ گليلي آهين.“


تڏهن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آهي، سو تہ خدا جو پٽيل آهي.“


جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو.


هاڻي اي خداوند! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا ٻانها آهيون تن کي اهڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو پيغام ٻڌايون.


جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ رسولن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن خداوند عيسيٰ کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ عيسيٰ جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان تبليغ ڪئي.


پوءِ سائول رسولن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي تي دليريءَ سان تبليغ پيو ڪندو هو.


پر خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان بي‌وقوف ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.


سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ