Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 اوهين انهن سنتن جا وارث ۽ انهيءَ ٻڌل وچن جا شريڪ آهيو جيڪو ايشور اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابرهام کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي سنسار جي سڀني قومن کي آسيس ملندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:25
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“


پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.


پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“


دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“


آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.


انهيءَ عهد کي هن يعقوب جي لاءِ قانونِ محڪم بڻايو، ۽ سندس اولاد لاءِ پڻ هن انهيءَ کي ابدي عهد قرار ڏنو،


تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.


سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


اي دنيا جون سڀيئي قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين سندس قدرت ۽ عظمت جي واکاڻ ڪريو.


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.


اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو خدمتگار انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي واعدا خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري خدا کي سچو ثابت ڪري


ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو.


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.


انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو ملائڪ مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ دائمي خوشخبري هئي.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ