Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:13
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي موسيٰ خدا کي چيو تہ ”پر جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ کين چوندس تہ ’اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي،‘ تڏهن هو مون کان پڇندا تہ ’انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟‘ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا ٻڌايان؟“


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.“


هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“


پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو عيسيٰ جي بدران برابا کي آزاد ڪري.


پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“


تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو.


سندس شاگردن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن عيسيٰ جو جلوو ظاهر ٿيو، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پاڪ ڪلام ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“


هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.


پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي قدرت ۽ دينداريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو خدا، يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس.


اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ