Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:30 - Muslim Sindhi Bible

30 پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 پولس ٻہ ورھيہ انھيءَ جاءِ ۾ رھيو، جيڪا ھن پنھنجي لاءِ مسواڙ تي ورتي ھئي. ھو انھن جي آجيان ڪندو ھو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.


عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪندي خداوند عيسيٰ مسيح بابت ڳالهين جي تعليم ڏيندو هو.


پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.


ايتري قدر جو جڏهن هو روم شهر ۾ آيو تہ منهنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي ڳولي لڌائين.


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ