Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:27 - Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو هن اُمت جي دل ڪُند ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا ٿي پيا آهن، ۽ پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون اٿن، انهي لاءِ تہ متان پنهنجين اکين سان پروڙي وٺن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻُڌي وٺن، ۽ ڦري اچن، تہ آئون کين شفا ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي، ۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن. انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن، تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن، متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:27
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مغرورن جي دلين تي چرٻي چڙهي ويئي آهي، پر مون کي تنهنجي شريعت ۾ ڏاڍي خوشي ملي ٿي.


اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“


انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ