Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جڏهن انهن منهنجي دريافت ڪئي، تڏهن مرضي هُين تہ ڇڏي ڏيونس، جو موت جي سزا جو قصور مون ۾ ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 انھن مون کان سوال پڇيا ۽ مرضي ھئن تہ مون کي آزاد ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر پئجي ويئي تہ مون ڪو اھڙو ڪم نہ ڪيو ھو جنھن سبب مون کي موت جي سزا ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.


پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يهودين پنهنجي شريعت جي ئي ڳالهين ڪري هن تي تهمت هنئي آهي. پر ڪو اهڙو ڏوهہ نہ ڪيو اٿس جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي.


پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو.


جيئن تہ فِيلڪس کي عيسيٰ واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“


پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ