Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اتي اسان کي ڪي ايمان وارا مليا، جن جي عرض ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جتي ڪن ڀائرن کي گڏياسين، جن اسان کي زور ڪري هفتو کن پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو، سو نيٺ روما ۾ پهتاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اتي اسان کي ڪي وشواسي مليا، جن جي وينتي ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اسان کي اتي ڪي ڀائر مليا جن چيو تہ ”ھڪ ھفتو اسان وٽ ترسو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“


آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.


سو جڏهن اوهين ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ وڃو تڏهن جاچ ڪجو تہ اهڙو ڪو آهي جيڪو اوهان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوهين وٽس ايستائين رهجو جيستائين اُن شهر مان روانا نہ ٿيو.


ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ايمان وارا اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن ايمان وارن سان مليو.


بي‌خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.


سو شهر اندر وڃي اتان جي ايمان وارن کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پاڪ روح جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“


اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين.


جڏهن روم جي ايمان وارن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.


انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


جڏهن ايمان وارن کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ