Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:33 - Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 اڃا صبح ٿيڻ تي هو تہ پولس سڀني کي عرض ڪيو تہ ڪجهہ کائو، ۽ چيائين تہ اوهان کي انتظار ڪندي ڪندي، ۽ بکون ڪڍندي اڄ ڏهون ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو ڪي بہ ڪين کاڌو اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ وينتي ڪئي ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 جڏھن صبح ٿيڻ وارو ھو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوھين چوڏھن ڏينھن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رھيا آھيو ۽ ايترو وقت اوھان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:33
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها.


سو سپاهين بچاءَ ٻيڙيءَ جا رسا وڍي ڇڏيا تہ هلي وڃي.


آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“


۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايمان وارن سان گڏ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ