Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو خدا تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو ايشور تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


پر صوبيدار پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ جهاز جي ڪپتان ۽ مالڪ جون ڳالهيون مڃيون.


تڏهن ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ اهي ماني کائڻ لڳا.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ