Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڪري هو ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ خداوند کين بندرگاهہ تي آڻي پهچايو، جتي هنن وڃڻ ٿي چاهيو.


جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي مذهب ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“


جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي گھُلڻ لڳو، تڏهن هنن سمجھيو تہ سٺو موقعو آهي. تنهنڪري هو جهاز جا لنگر کڻي ڪريتي جو ڪنارو ڏيئي هليا.


جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها.


اسين آهستي آهستي سفر ڪري رهيا هئاسين، تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شهر جي سامهون پهتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنهنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي هلڻ لڳاسين


۽ وڏيءَ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلندي هلندي اچي سهڻي نالي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجھو لسيا جو شهر آهي.


ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“


مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ