سنتن جا ڪم 26:23 - Muslim Sindhi Bible23 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible23 اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيوت ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي سڌ ڏئي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament23 اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.