Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:11 - Muslim Sindhi Bible

11 يهودين جي سڀني عبادت‌خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 يهودين جي سڀني ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن يسوع مسيح جي نندا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 سڀني يھودي عبادت⁠خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انھن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو ھوس، بلڪ انھن جي خلاف اھڙو تہ ڇتو ٿي لڳو ھوس جو ٻاھرين شھرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو ھوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون تي طعنا ٿا هڻن. ٽوڪ ڪندڙ ٻين تي لعنت ڪرڻ ۾ منهنجي نالي جو مثال ڏين ٿا.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجن عبادت‌خانن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادت‌خانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ گناهہ ڪيا هوندا يا ڪفر جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي،


آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.


پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، عبادت‌خانن جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس بي‌عزتي ڪرڻ لڳا.


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي خداوند! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس.


وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


هوڏانهن سائول اڃا تائين خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو


ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ عزت واري نالي عيسيٰ بابت ڪفر ٿا بڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟


هن پنهنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اها ملامت کنئي جو سندس بي‌زبان گڏهِہ انسان وانگر ڳالهائي انهيءَ نبيءَ کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ