Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 25:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي شريعت جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 25:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“


پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“


پولس ڪائونسل وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.“


هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجن عبادت‌خانن ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.


هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جي بي‌حرمتي ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“


پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.


ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي مذهبي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.


انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ