Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 25:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 25:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو.


پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.


تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.


منهنجي خلاف بدخواہ شاهد اُٿي کڙا ٿيا آهن. هو مون تي اهڙيون ڳالهيون ٿا مڙهين، جن بابت آءٌ ڄاڻان ئي نہ ٿو.


تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ


سردار ڪاهنَ ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا هئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تهمتون هڻڻ لڳا.


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“


هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.


پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ