پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.
تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بيهمت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“
شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعلزبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“
انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“
آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.