Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:25
99 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،


الياس جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اخي‌اب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، جسم تي کٿو ڍڪيائين ۽ روزو رکيائين. هو کٿي تي سمهڻ لڳو ۽ اداس رهڻ لڳو.


’جيئن ئي تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌو جنهن ۾ مون چيو آهي تہ اهي لعنتي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال ٿيندا، تنهنجي دل نرم هئي، سو تو عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيامين علائقن جا سڀيئي مرد ٽن ڏينهن جي اندر نائين مهيني جي ويهين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. اهي سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر اڳيان کُليل ميدان ۾ ويٺا رهيا ۽ ان واقعي ۽ سخت برسات جي ڪري ڏاڍا ڏکيارا هئا.


سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.


جيئن تہ خداوند سچو آهي، تنهنڪري هو نيڪ عملن کي پسند ڪري ٿو. سو جيڪي سچا ماڻهو هوندا، سي ئي سندس حضور ۾ حاضر رهندا.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.


تڏهن هو سچائيءَ سان تنهنجي قوم جي عدالت ڪندو، ۽ تنهنجي غريبن تي انصاف سان حڪمراني ڪندو.


خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.


بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.


جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.


تڏهن دائود جي اولاد مان هڪڙو بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ ۽ شفقت سان ماڻهن تي حڪمراني ڪندو. اهو اهڙو عادل هوندو جيڪو پورو پورو انصاف ڪندو. هائو، اهو عدل وَ انصاف ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو.


سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ”اوهين اي غير قومن جا معبودؤ! پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو، اچو پنهنجا مضبوط دليل پيش ڪريو.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.


مون کين چيو تہ ’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي، تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو. اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو، تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘


اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“


اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.


مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.


قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.


پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.


جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄي دنيا گناهہ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏي نہ گمراهہ ٿيل آهي،


عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي خدا مئل ۽ جيئرن ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.


جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ پيغام جي تبليغ ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.


پولس پنهنجي دستور موجب سندن عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پاڪ ڪلام مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو.


جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو.


تنهن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


مطلب تہ اسان مان هر هڪ خدا کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.


مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.


پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪابہ شريعت نہ آهي.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪيزہ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي.


اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“


پر جيستائين خدا جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.


بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.


هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا برڪت گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت بابت تعليم.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“


پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان


پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان صبر ۾ ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


تنهنڪري هاڻي ڌيان ڏيئي ٻڌو، تہ آءٌ اهي نيڪيءَ جا ڪم جيڪي خداوند اوهان سان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا تن کي اوهان وساري ڇڏيو، سي ئي ڪم آءٌ خداوند جي روبرو اوهان تي ثابت ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ