Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:15 - Muslim Sindhi Bible

15 مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ خدا ۾ اها اُميد اٿم، جا خود کين بہ آهي، تہ نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جي قيامت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 مون کي ايشور ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ ايشور سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيوت ڪري اٿاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو آخرت جي ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيئرو ٿي اٿندو.“


سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ