Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري


پوءِ شهنشاهہ پڇيس تہ ”اي راڻي آستر، ڪيئن آئي آهين؟ تو کي ڇا گھرجي؟ جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


سو شهنشاهہ راڻي آستر کي چيو تہ ”يهودين رڳو سوسن جي شاهي قلعي اندر هامان جي ڏهن پٽن سميت پنج سؤ ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ شهنشاهت جي ٻين صوبن ۾ هنن ڇا ڇا نہ ڪيو هوندو؟ هاڻ تنهنجو ٻيو عرض ڪهڙو آهي؟ اُهو بہ پورو ڪيو ويندو. تون وڌيڪ ڇا ٿي چاهين؟ تنهنجي اها ڳالهہ پڻ قبول ڪئي ويندي.“


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي استاد! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“


عيسيٰ انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“


پر عيسيٰ کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو.


تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.


سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين تعليم آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟


اهو صوبيدار انهيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ هن جوان کي اوهان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوهان سان ڪجھہ ڳالهائڻو آهي.“


تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي عرض ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ