Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اُهي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان قسم کنيو آهي تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهون، تيسين جي کڻي ڪي چکون تہ لعنت اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


جن يهودين گڏجي اها سازش سِٽي هئي، سي چاليهن کان وڌيڪ هئا.


تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي عرض ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘


پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ