Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جڏھن جھيڙو وڌي ويو تڏھن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻھو پولس کي ماري ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.


جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟


تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“


پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين.


هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي هئس جو آءٌ سپاهين کي وٺي وڃي اتي پهتس ۽ يهودين کان بچايومانس، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي.


مون کيس يهودين جي وڏي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اهي مٿس ڪهڙو الزام ٿا هڻن.


ٻئي ڏينهن تي پولس کي گھوڙيسوارن سان گڏ اڳتي روانو ڪرڻ کان پوءِ پيادا سپاهي قلعي ڏانهن موٽي ويا.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ايمان وارن جي خطرن ۾.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ