Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“


ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


پر خداوند خدا آدم کي سڏي چيو تہ ”تون ڪٿي آهين؟“


جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.


تنهن تي بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“


تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“


”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.


مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


پوءِ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳي وانگر سڏ ڪري چيائينس تہ ”سموئيل! اي سموئيل!“ تنهن تي سموئيل ورندي ڏنس تہ ”حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ