Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.


پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ خدا اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.


سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن عورتن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


هڪڙي ڏينهن جيئن اسين عبادت واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڇوڪري ملي جنهن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي.


قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي ڪليسيا کي سلام ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو.


جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس جي بندرگاهہ تي پهچڻ جو ارادو ڪيو هو، سو سندس تجويز مطابق هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين سامونڊي جهاز تي چڙهي آسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جهاز تي چاڙهيون.


بي‌خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.


قيصريہ شهر جا ڪي ايمان وارا بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو ايمان وارو هو.


پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ سؤ سپاهي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ سؤ نيزي‌بردار تيار ڪريو تہ جيئن رات جو نائين بجي تائين اوهين قيصريہ ڏانهن روانا ٿي وڃو.“


پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


رسولن جي صلاح تي سڄي جماعت خوش ٿي. سو انهيءَ جماعت هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤ‌س جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي مذهب ۾ شامل ٿيو.


جڏهن ايمان وارن کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.


مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.


سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي خدمت جي ذميواري پوري ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ