Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي ڪليسيا جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي وشواسي منڊليءَ جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين ايمان وارن کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو.


جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن.


انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن.


تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.


پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.


اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هئس.


اتي مون خداوند عيسيٰ جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين رسولن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ