سنتن جا ڪم 21:11 - Muslim Sindhi Bible11 هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پوِتر آتما جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.