Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:37 - Muslim Sindhi Bible

37 هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ۽ هنن سڀني زار زار رُنو ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چُميائونس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 ھو سڀيئي ززاروزار رنا ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چميائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:37
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ بنيامين کي ڀاڪر پائي رنو ۽ بنيامين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو.


تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو.


پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


تڏهن اليشع ڏاند ڇڏي الياس جي پٺيان ڊوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيرين پئي الوداع چوڻ ڏيو. پوءِ مان توهان جي پٺيان هليو هلندس.“ تڏهن الياس کيس چيو تہ ”ڪير ٿو جھليئي! پر مون جيڪي تو سان ڪيو سو سمجھہ ۾ نہ آيئِہ؟“


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


جڏهن اڃا هو پرڀرو ئي هئا تہ ايوب تي نظر پين، مگر کيس سڃاڻي نہ سگھيا. پر جڏهن کيس سڃاتائون تڏهن اهي رڙيون ڪري روئڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ پنهنجن مٿن ۾ مٽي وڌائون.


شال اهي جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پوک پوکين ٿا، سي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندي پنهنجا فصل لڻن!


سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون.


سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.


هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي اوهان کي سلام ٿا ڏين.


سڀني ايمان وارن کي اسان جي طرفان پيار ڀريا سلام ڏجو.


تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ