Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:36 - Muslim Sindhi Bible

36 پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 جڏهن هو ايترو چئي رهيو، تڏهن گوڏا کوڙي هنن سڀني سان گڏ دعا گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 جڏھن ھن ايترو چئي بس ڪئي، تڏھن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:36
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ


سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جي تعليم ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“


پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.


انهيءَ سبب آءٌ آسمان توڙي زمين تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آسماني پيءُ جي آڏو سجدو ڪندي


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ