Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:32 - Muslim Sindhi Bible

32 هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 هاڻي آءٌ اوهان کي ايشور ۽ سندس انهيءَ ڪرپا واري سنديش جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي شڪتي آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:32
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.


’آءٌ اوهان جي يتيم ٻارن جي سنڀال لهندس، ۽ اوهان جي رنن‌زالن جي حفاظت ڪندس.‘“


عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


سو جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن، تن جي ڪري اوهين اڳي ئي پاڪ صاف ٿي ويا آهيو.


بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


هنن هر هڪ ڪليسيا لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ روزو رکي انهن اڳواڻن لاءِ دعا گھريائون ۽ کين خداوند عيسيٰ جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن ايمان آندو هو.


اتان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي شام واري انطاڪيا ڏانهن واپس موٽيا، جتي انهيءَ تبليغي ڪم لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو هو، جيڪو ڪم هنن هاڻي پورو ڪيو.


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ خداوند عيسيٰ بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. خداوند سندن هٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ ايمان وارن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي


مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهو خدمت جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس بدن يعني ڪليسيا جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.


انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بت‌پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي خدمت جي عيوض ۾ اوهان کي خداوند کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين خداوند مسيح جي خدمت ڪندا رهو.


سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


هاڻ جيئن تہ پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني عيسيٰ جو ۽ پاڪ ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پيءُ هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري عيسيٰ انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ