Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن اهي پاسا گهُمي رهيو، ۽ گهڻيئي نصيحتون ڪري رهيو، تڏهن يونان ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس. هائو، اي صيئون وارؤ! آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس، ۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.


يحيٰ ٻيون بہ ڪيتريون ئي نصيحتون ڪندي ماڻهن کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندو رهيو.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي ڪليسيائن کي ايمان ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.


تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادت‌خانو هو.


تنهن تي ايمان وارن هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويا.


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني ايمان وارن کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.


پوءِ پولس موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. کائڻ بعد هن ايتري تہ دير تائين پنهنجي تقرير کي جاري رکيو جو صبح ٿي ويو. تڏهن هو روانو ٿي ويو.


اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


پر جيڪڏهن خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پاڪ روح جي قدرت کي معلوم ڪندس،


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.


اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جي تبليغ گمراهيءَ واري نہ هئي، نڪي اسان جو مقصد ناپاڪ هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ