Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ مليتس مان افسس ڏانهن ماڻهو موڪلي ڪليسيا جي بزرگن کي پاڻ وٽ گهرايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي وشواسي منڊليءَ جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


هنن هر هڪ ڪليسيا لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ روزو رکي انهن اڳواڻن لاءِ دعا گھريائون ۽ کين خداوند عيسيٰ جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن ايمان آندو هو.


انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن.


جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ ڪليسيا وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود رسولن سميت سندن استقبال ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو خدا هنن جي وسيلي ڪيو هو.


تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.


هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي ڪليسيائن کي يروشلم جي رسولن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين زندگي گذارڻي هئي.


جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.


ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو ڪليسيا جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ دعا گھرن.


اوهان ۾ جيڪي ڪليسيائن جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جلوي ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.


آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط تو پياري گيُس ڏانهن لکان ٿو جنهن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ