سنتن جا ڪم 2:38 - Muslim Sindhi Bible38 تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي گناهن جي معافيءَ لاءِ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح عطا ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible38 تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible38 تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament38 تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.